ڪراچي ۾ بجلي جو شارٽ فال وڌي ويو، مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ

ڪراچي ۾ سخت گرمين جي ڪري بجلي جو شارٽ فال 250 ميگا واٽ مان وڌي 400 کان 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو . ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب پوئين 24 ڪلاڪن دوران بجلي جي ايوريج فراهمي 2700 ميگاواٽ آهي جنهن ۾ نيشنل گرڊ مان حاصل ڪيل سراسري 1000 ميگاواٽ بجلي به شامل آهي. ترجمان ٻڌايو ته گرمي ۾ اضافي جي ڪري بجلي جي طلب ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته ان سڄي صورتحال جو تعلق ملڪي سطح تي بجلي جي بحران سان آهي ، ان صورتحال جو وڏو سبب تيل جي قلت ۽ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو آهي .هن چيو ته شهر ۾ ڪٿي به غير اعلانيا لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي لوڊشيڊنگ جو شيڊول موجود آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔