پگهاردار طبقي کي ٽئڪسز جي مد ۾ مليل رليف ختم

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پگهاردار طبقي لاءِ نئين ٽئڪس جي شرح بابت ترميمون منظور ٿيڻ سان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي مليل رليف ختم ٿي ويو

حڪومت جي نين ترميمن ۾ ماهوار 50 هزار رُپين تائين پگهار کڻندڙ ٽئڪس کان آجا قرار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 50 کان هڪ لک رُپين تائين ماهوار پگهار کڻندڙ تي اڍائي سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو

ماهوار هڪ کان 2 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو 15 هزار رُپيا فِڪس ٽئڪس لڳايو ويندو

ترميمن تحت ماهوار 2 کان 3 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو هڪ لک 65 هزار ٽئڪس لڳايو ويندو

ماهوار 5 کان 10 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو فڪس ٽئڪس 10 لک رُپيا لڳائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔