سنڌ ۾ مارڪيٽون، بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال اڄ کان رات جو 9 وڳي بند ٿيندا

ڪراچي: سنڌ ۾ مارڪيٽون، بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال اڄ کان رات جو 9 وڳي بند ٿيندا، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون، پيٽرول پمپ، بيڪري ۽ کير جي دڪانن کي ڇوٽ حاصل هوندي، يعني اِهي ڪاروبار کليل رهندا

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شادي هال، بينڪوئيٽس ۽ شادي تقريبن تي رات جو ساڍا 10 وڳي کانپوءِ پابندي هوندي

گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز، ريسٽورنٽ ۾ ڪافي شاپس رات جو 11 وڳي بند ٿيندا،

بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ گهروکاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔