شاهنواز ڏاهاڻي کي موقعو ڏنو، هُن ڪارڪردگي ڏيکاري، مونکي اطمينان مليو: بابراعظم

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ اتحاد ڊريسنگ روم کان شروع ٿيندو آهي. مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ٽيم جي بهترين 15 رانديگرن کي اعتماد ۾ وٺان، پوءِ بهتر 11 رانديگرن کي اعتماد ۾ وٺي هنن کان گرائونڊ ۾ ڪارڪردگي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان

هن چيو ته ٽيم متحد ٿي کيڏي رهي آهي ۽ هر رانديگر موقعو ملڻ تي سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. موجوده ٽيم مثبت ڪرڪيٽ کيڏي آهي جيڪڏهن ساڍا ٽي سئو جو هدف به مليو ته اسان اهو به پورو ڪيو، ڪيترائي ڀيرا بولنگ جي هدف جو دفاع به ڪيو. اسان جي پلاننگ ۽ محنت جا نتيجا نظر اچي رهيا آهن. ڪرڪيٽ ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي

بابراعظم چيو ته بينچ تي ويٺل ڇوڪرا جڏهن ڪارڪردگي ڏيندا آهن ته اسان کي خبر هوندي آهي ته اهي اڳتي لاءِ تيار آهن. بينچ تي افتخار احمد، عبدالله شفيق، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود هئا. اسان شاهنواز ڏاهاڻي کي موقعو ڏنو. شاهنواز ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪپتان جي حيثيت سان مونکي به اطمينان مليو آهي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔