جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ عدالت

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسنگ پرسنز بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ يا وري ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست اندر رياست قائم ٿيل آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهري بازياب نه ٿيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته لاپتا ماڻهن جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ايجنسيز به ڪوشش ڪن پيون

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميٽيز ۾ نه ڦاسايو، اهو ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه؟ اڃا به ماڻهو کنڀجي رهيا آهن، پر ڪير به پُڇڻ وارو ناهي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا سٺو لڳندو ته هي عدالت چيف ايگزيڪيوٽو کي سمن جاري ڪري، بچاءَ جو وزير ڪنهن جي ماتحت آهي؟ يا وزيراعظم ٻڌائي ڇڏي ته هو بي وس آهي، جيڪڏهن وزيراعظم بي وس ناهي ته آئين کيس ذميوار قرار ڏئي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔