سينيٽ ۾ پرويز مشرف جو پڙاڏو، آمر ڏيهه اچي ته پوءِ جيلن جا در کولي ڇڏيو: مشتاق احمد

اسلام آباد: سينيٽ ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي واپسي واري معاملي جو ذڪر ٿيڻ تي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته پرويز مشرف کي ڏيهه واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿين پيون، نواز شريف جو بيان به اچي ويو آهي

سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مشرف کي واپس گهرايو وڃي ٿو ته پوءِ جيلن جا در کولي ڇڏيو ۽ عدالتن جا در بند ڪريو، پوءِ اُنهن جي به ڪا ضرورت ناهي

يوسف رضا گيلاني چيو ته مشرف جي واپسي جو فيصلو اسان نه ڪنداسين، اهو فيصلو ٻئي هنڌ ٿيندو، جڏهن مشرف ٻاهر ويو ته ڇا توهان روڪي سگهيا؟ مشرف جي واپسي تي ڪوبه اعتراض نه آهي، پر سڀني سان هڪجهڙو رويو هجڻ گهرجي،

مولانا غفور حيدري چيو ته مشرف زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي، هن وقت سندس واپسي جي مخالفت ڪريون ته مناسب نه هوندو،سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته مشرف به پاڪستاني شهري ۽ بيمار آهي، هو ڏيهه واپس اچڻ گهري ٿو ته اچڻ ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔