پرڏيهي سازش جي واويلا ڪندڙ عمران خان ثبوت پيش ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام  آباد: سڌ سماءَ وراي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي سازش جي واويلا ڪندڙ عمران خان ثبوت پيش ڪري، عمران خان ملڪ ۾ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻئين اجلاس ۾ به چيو ويو هو ته سازش جون شاهديون ناهن مليون

هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن جي ڳالهه ڪريون ته پرڏيهي سازش جي واويلا ڪندو آهي، عمران خان ذاتي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي ڀڳڙن مُٺ وڪڻي ڇڏيو

مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت ملڪي معيش سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ويو هو، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔