اين اي 240 ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ لاءِ سڀاڻي پولنگ، 25 اميدوار ميدان تي لٿل

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪراچي تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو سامان، بيلٽ پيپرز، پولنگ بيگز ۽ پولنگ عملو سيڪيورٽي سان پولنگ اسٽيشنز تي پهچي چڪو آهي

اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جي سامان جي ورڇ جو ڪم صبح اٺ وڳي کان شروع آهي، رٽرننگ آفيسرن جي آفيس مان پولنگ سامان اماڻيو پيو وڃي

ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي سبب تڪ خالي ٿيو هو، جنهن تي ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي

اين اي 240 تي مجموعي طور 25 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي جو ناصر رحيم، نون ليگ جو سيد فيضان انيس، جي ڊي اي جو تنوير احمد، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو محمد ابوبڪر، ٽي ايل پي جو شهزاده شهباز، پي ايس پي جو شبير احمد قائمخاني، مهاجر قومي موومينٽ جو سيد رفيع الدين ۽ ٻيا شامل آهن

اليڪشن ڪميشن موجب مسعود محمود، شاهد نواز، شاهين خان، شايان احمد صديقي، عارف اسلم، عمير انجم، آفاق جمالي، ارشاد احمد، امين الدين، ايرڪ مشتاق، حبيب الله، ساجد حسين، محمد اختر، محمد اسلم رضا، محمد صادق، محمد نعيم ۽ نگهت فاطمه آزاد اميدوار طور مقابلو ڪندا

پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي به اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهي آهي، قومي اسيمبلي جي هڪ تڪ ۾ ووٽرز جو ڪل انگ 5 لک 29 هزار 855 آهي، جن ۾ 2 لک 35 هزار 470 عورت ووٽرز ۽ 2 لک 94 هزار 385 مرد ووٽرز آهن

ننڍي چونڊ لاءِ 309 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 203 انتهائي حساس ۽ 106 حساس آهن، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيندو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو

2018ع جي عام چونڊن ۾ اين اي 240 تي ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي خان 61 هزار 165 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل  ڪئي هئي، جڏهن ته ٽي ايل پي جي محمد آصف 30 هزار 535 ووٽ، پي ٽي آءِ جي فرخ منظور 29 هزار 941 ووٽ، ايم ايم اي جي عبدالجميل خان 19 هزار 323 ووٽ، مهاجر قوومي موومينٽ جي آفاق شفق 14 هزار 376 ووٽ، پيپلز پارٽي جي محمد فيروز 7 هزار 586 ووٽ کنيا، جڏهن ته پي ايس پي جي آصف حسنين رڳو 6 هزار 661 ووٽ حاصل ڪي هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔