اوگرا پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 55 روپين تائين واڌ جي تجويز

اسلام آباد: اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 55 روپين جي واڌ جي تجويز ڏيندي سمري حڪومت ڏانهن رواني ڪري ڇڏي .

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيتمن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي ۽ حڪومت کي اگهه وڌائڻ لاءِ سمري حڪومت ڏانهن رواني ڪري ڇڏي آهي.

اوگرا طرفان ڏنل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول 29 روپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 55 روپين جي واڌ ڪئي وڃي.

اوگرا ذريعن اهو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌا جي منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔