اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ پ پ ۽ ن ليگ عدالت ۾ پهچي ويون

اسلام آباد: پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي يونين ڪائونسلز جي تعداد ۾ واڌ کان بغير بلدياتي چونڊن کي روڪيو وڃي.

ٻنهي پارٽين جي مقامي اڳواڻن ايڊووڪيٽ عادل عزيز قاضي جي معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ وقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت 21 مئي تي اسلام آباد اندر يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن کانپوءِ يونين ڪائونسلز 50 کان وڌيڪ 101 ٿي ويون پر اليڪشن ڪميشن يونين ڪائونسلز کي وڌائڻ بدران ئي بلدياتي چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو جيڪو عمل غلط آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائڻ جي پابند آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بلدياتي چونڊن جو شيڊيول ڪالعدم قرار ڏئي يونين ڪائونسلز جي انگ ۾ وڌا ڪئي وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل شيديول مطابق ٿيندڙ بلدياتي چونڊن کي فوري طور روڪيو وڃي.

عدالت درخواست منظوري ڪندي سڀاڻي ٻڌڻي جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔