پرويز مشرف ملڪ اچڻ چاهي ٿو ته اچڻ ڏنو وڃي:سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آھي تھ پرويز مشرف ملڪ اچڻ چاهي ٿو ته اچڻ ڏنو وڃي، صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، سينيٽ اجلاس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ملڪ واپسي بابت سوال اٿاريا ويا

سينيٽر مشتاق احمد چيو تھ پرويز مشرف 10 سالن تائين ڪاري دور جو مالڪ رهيو ۽ آئين ٽوڙيو، جيڪڏهن مشرف کي آندو وڃي ٿو ته پوءِ جيلن جا دروازا کوليا وڃن

سيد يوسف رضا گيلاني چيو تھ پرويز مشرف جي واپس اچڻ تي ڪو  اعتراض ناهي،پر ورتاءُ سڀني سان  هڪجهڙو هجي، اهو فيصلو اسان نٿا ڪري سگهون، فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندو

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو تھ پرويز مشرف هن ملڪ جو واسي آهي، بيمار آهي اچڻ چاهي ٿو ته اچڻ ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔