شگر ڪميشن جي انڪشافن بعد مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل

ڪراچي: شگر ڪميشن جي انڪشافن بعد اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

 ايف آءِ اي لاهور ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي خلاف 70 ملين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ نامزد جوابدار نواز ڀٽي ۽ مظهر عباسي کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ق ليگ اڳواڻ خلاف ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آھي تھ مونس الاھي خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت ڪارروائي 2 سال اڳ شروع ٿي، ان خلاف شگر ڪميشن مني لانڊرنگ جو انڪشاف ڪيو ھو، جڏھن تھ ڪيس ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي رپورٽ ۾ داخل ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔