پنجاب جِي 32 کرب 26 ارب رپين جِي بجيٽ پيش: پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

لاهور: پنجاب جي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ڏينهن 2 ڌار ڌار اجلاس ٿيا، جڏهن ته ايوانِ اقبال ۾ اسيمبلي جَي اجلاس دوران صوبي جِي 32 کرب 26 ارب رپين جِي بجيٽ پيش ڪئي وئي

بجيٽ ۾پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جِي تجويز ڪئي وئي آهي

ناڻي واري وزير اويس لغاري بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته، تعليم لاءِ 485 ارب 26 ڪروڙ رپيا، زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ 48 ارب 7 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي، روڊن ۽ پُليُن لاءِ 80 ارب 73 ڪروڙ رپيا مختص  ڪيا ويا آهن

اويس لغاري موجب عورتن جي ڀلائي لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

اسپيڪر پرويز الاهي طرفان طلب ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرز شرڪت نه ڪئي، صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ خلاف استحقاق جي رٿ منظور ٿيڻ بعد اجلاس سڀاڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔