پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ريلوي ڀاڙن ۾ واڌ جون تياريون ڪري ورتيون 

لاهور: حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ريلوي طرفان ملڪ اندر هلندڙ ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن.
ان ڏس ۾ پاڪستان ريلوي جي اختيارين حڪومت ڏانهن ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ واري سمري رواني ڪري ڇڏي آهي.
ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي منظوري کانپوءِ سڄي ملڪ اندڙ ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ واري سمري ۾ 10 کان 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، حڪومت طرفان سمري جي منظوري کانپوءِ پاڪستان ريلوي جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿي ويندي.
هوڏانهن مسافرن ريلوي طرفان ڀاڙا وڌائڻ واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مسافرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهنگائي عروج تي آهي ۽ هاڻي وري ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي جيڪا عوام سان زيادتي آهي، هاڻي غريب ماڻهو ٽرينن تي سفر به نه ڪري سگهندو انڪري ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ واري سمري فوري طور واپس ورتي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔