ايف بي آر طرفان 30 ۽ 31 مئي 2022ع تي رات 10 وڳي تائين آفيسون کولي رکڻ جو اعلان

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان ٽيڪيس جي وصولي لاءِ آفيسون رات 10 وڳي تائين کولي رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس جي وصولي لاءِ ايف بي آر جون آفيسون 30 ۽ 31 مئي تي رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، هي فيصلو ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت ڏيڻ خاطر ڪيو ويو آهي.
پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جون بااختيار برانچون پڻ 30 ۽ 31 مئي 2022ع تي رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔