سنڌ ۾ منڪي پوڪس جو پهريون شڪي ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ منڪي پوڪس جو پهريون شڪي ڪيس ظاهر، سکر سول اسپتال ۾ منتقل ٿيل نينگر کي مني پوڪس هجڻ جو شڪ، شڪارپور واسي نينگرکي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو، سول اسپتال جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته نينگر جا جُزا ورتا ويا آهن

 سنڌ ۾ ٽيسٽ جي سهولت نه هجڻ سبب جُزا اسلام آباد جي ليبارٽري ڏانهن اُماڻيا ويندا، آفريڪا کانپوءِ امريڪا سوڌو 16 ملڪن ۾ منڪي پوڪس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي پاڪستان ۾ به الرٽ جاري ٿيو هو

 قومي صحت جي اداري وفاق ۽ چئني صوبائي حڪومتن کين ايئرپورٽس سوڌو داخلي رستن تي نگراني سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔