بلوچستان جي مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوارن ميدان ماري ورتو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مڪاني چونڊن ۾ گذريل ڏينهن پولنگ کانپوءِ نتيجن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن موجب چونڊن ۾ آزاد اميدوارن ميدان ماري ورتو آهي .

آزاد اميدوارن هن وقت تائين هڪ هزار 487 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن جڏهن غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب سياسي پارٽين ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف سڀ کان اڳتي آهي.

جي يو آءِ ف ڪارپوريشن جون 14 ، ميونسپل ڪميٽين جون 58 ۽ يونين ڪائونسلن جون 188 سيٽون کٽي پنهنجي سيٽن جو انگ وڌائي 260 ڪري ورتو آهي .

حڪمران بلوچستان عوامي پارٽي 213 سيٽن سان ٻئي نمبر تي، نيشنل پارٽي 100 سيٽن سان ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي جڏهن ته پشتونخواه ميپ 95 سيٽون حاصل ڪري سگهي .

اختر مينگل جي پارٽي بي اين پي 79 سيٽون کٽيون آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي 58 ۽ بي اين پي عوامي 43 سيٽن تي ڪامياب رهي .

اي اين پي جون 24 ۽ پي ٽي آءِ جون 23 سيٽون رهيون ، جمهوري وطن پارٽي 18 ۽ مسلم ليگ ن 15 سيٽون کٽي ورتيون آهن.

ٻئي پاسي جماعت اسلامي 7 سيٽون حاصل ڪيون ، پشتونخواهه ميپ پشين ۽ چمن جي ميونسپل ڪارپوريشنن جي چوند ۾ فتح حاصل ڪري ورتي آهي.

جعفرآباد ۾ حڪمران بلوچستان عوامي پارٽي کٽي وئي آهي جڏهن ته ڪيچ ۾ نيشنل پارٽي ميدان ماري ورتو آهي .

پنجگور ميونسپل ڪميٽي ۾ بي اين پي عوامي ڪامياب رهي، ميونسپل ڪميٽي واشڪ ۾ جي يو آءِ ميدان ماري ورتو، گوادر ۾ ”گوادر کي حق ڏيو“ گروپ کٽي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔