ملڪ رياض طرفان عمران خان جو پيغام آصف زرداري کي پهچائڻ واري  آڊيو سامهون اچي وئي

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ملڪ رياض وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه واري مبينا آڊيو ريڪارڊنگ سامهون اچي وئي

مبينا آڊيو ۾ فون رسيو ٿيڻ تي آصف زرداري چوي ٿو، هيلو، جنهن تي ملڪ رياض چوي ٿو ته اسلام عليڪم سر، اڳوڻو صدر سلام جو جواب ڏئي ٿو ۽ خيرت پُڇي ٿو

مبينا آڊيو ۾ ملڪ رياض چوي ٿو ته سر بس ڪجهه ٻڌائڻو هو، مون اوهان کي اڳ ئي ٻڌايو هو،

اوهان کي هڪ انفارميشن ڏيڻي هئي، توهان ڳالهائڻ نه ٿا چاهيو پر خان صاحب ڪيترائي ميسيجز موڪليا آهن ته پيچ اپ ڪرايو، اڄ ته هُن مونکي کوڙ سارا ميسجز به ڪيا آهن

مبينا آڊيو ۾ آصف زرداري ملڪ رياض کي جواب ڏئي ٿو ته ملڪ رياض، هاڻي امپاسيبل آهي نه، جنهن تي ملڪ رياض جواب ۾ چيو ته ٺيڪ آهي مون سوچيو توهان آڏو ڳالهه رکي ڇڏيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔