عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي مارچ دوران امن امان ۾ رُخنو وجهڻ جو وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، زرتاج گُل، شيرين مزاري ۽ ٻين کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي خلاف وڌيڪ ڪيسز داخل ڪيا پيا وڃن، اهڙا ڪيس داخل ٿيندا رهندا آهن

هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ طوفان اچي ويو ۽ ٻيو طوفان اچڻ وارو آهي، ملڪي مسئلا ڳنڀير ٿي ويا آهن، پر  حڪومت جو سڄو ڌيان پنهنجا ڪيسز ختم ڪرڻ تي آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔