ڏوهارين تي ٻڌل حڪومت عوام جا جمهوري ۽ آئيني حق به ڦرڻ لاءِ تيار آهي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڏوهارين تي ٻڌل ڪٺ پتلي حڪومت عوام جا جمهوري ۽ آئيني حق به ڦرڻ لاءِ تيار آهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي عورت وڪيلن جي وفد سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته وڪيل عورتن جي جوش ۽ جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. سازش ۽ شرارت جي ماحول ۾ قانون واري شعبي سان جڙيل ماڻهن جي قوم کي سخت ضرورت آهي. عمران خان چيو ته ٻاهرين سازش جي نتيجي ۾ چونڊيل جمهوري حڪومت تي رات جي اونداهي ۾ راتاهو هنيو ويو. اسپيڪر جي واضح ڪيل رولنگ، پارليامينٽ جي بالادستي، صدر ۽ گورنر جي اختيارن تي ڪهاڙيون هلايون ويون.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته سياسي مخالفن ۽ ميڊيا ۾ تنقيدي آوازن کي دٻائڻ لاءِ بدترين انتقامي حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. قوم ڪٺ پتلي سرڪار جي آمراڻي اقتدار کي رد ۽ حقيقي آزادي جي تحفظ لاءِ تيار آهي. اسلام آباد جو سڏ ڏيندس ته بزدل ڏوهارين جي سازشي ٽولي کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔