متحده نين چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي: پيٽروليم اگهه وڌائڻ جي مخالفت

اسلام آباد: حڪومت جي اتحادي متحده به نين چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي، خالد مقبول جي اڳواڻي ۾ متحده وفد طرفان وزيراعظم سان ملاقات دوران پيٽروليم اگهه وڌائڻ جي مخالفت ڪئي وئي آھي

 ذريعن موجب متحده وفد موقف رکيو آهي ته موجوده مسئلن جو حل نيون چونڊون آهن، فريش مينڊيٽ وٺڻ ۾ دير ڪئي وئي ته اها بدنصيبي هوندي

متحدھ جو موقف آھي تھ  پيٽروليم اگهن جي معاملي تي امير ۽ غريب ۾ فرق رکيو وڃي،موٽر سائيڪل ۽ وڏيون گاڏيون هلائيندڙن لاءِ ڌار ڌار اگهه مقرر ڪيا وڃن

 وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان به اڄ ڌار ڌار ملاقات ڪندا

ملاقات دوران پيٽروليم اگهن ۽ چونڊن جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔