عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي ته عدالتي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون: گهرو وزير

اسلام آباد: گهرو وزير راڻا ثناءُالله آڇ ڪئي آهي ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي ته جاچ جي لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وٽ پنهنجي حياتي کي امڪاني خطري بابت ڪي پڪيون شاهديون موجود آهن ته ان کي فوري طور تي گهرو وزارت سان شيئر ڪري. حڪومت ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. پنهنجي سيڪيورٽي کي سياسي پروپيگنڊا جي طور تي پيش نه ڪريو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان نيازي آمريڪي سازش جيان هاڻ پنهنجي حياتي کي خطري جا بيان ٺاهي رهيو آهي. جيڪڏهن عمران نيازي پنهنجي حياتي کي خطري بابت ڄاڻ نه ڏني ته آمريڪي سازش جيان هن بيان کي به هڪ پوليٽيڪل اسٽنٽ ئي مڃيو ويندو.

هن چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي چاهي ته سندس حياتي کي خطري بابت جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري سگهون ٿا جيڪو هن جي ڏنل شاهدين ۽ ڄاڻ جو جائزو وٺي آزاد فيصلو ڏئي سگهي ٿو. راڻا ثناءُالله چيو ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم جو پنهنجي حياتي کي خطري بابت پوليٽيڪل اسسٽنٽ جي طور تي پيش ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ خطري جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔