چيف جسٽس کي ڪيئن مطمئن ڪجي؟ صوبائي وزيرن جو وفد مٺي پهچي ويو

مٺي: چيف جسٽس آف پاڪستان جي 8 جنوري تي مٺي آمد جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار حرڪت ۾ آيل آهي، لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي وزيرن جو وفد مٺي پهچي ويو

صوبائي وزيرن جي وفد ۾ سيد ناصر شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، ارباب لطف الله ۽ ٻيا شامل آهن، صوبائي وزيرن جو وفد اسپتالن، آر او پلانٽس سميت سنڌ سرڪار پاران اعلانيل 14 جنوري کان ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ ميراٿن ريس جي انتظامن جو جائزو وٺندو

صوبائي وزيرن جي وفد پاران درٻار هال مٺي ۾ انتظاميه سان گڏجاڻي رٿيل آهي، جڏهن ته صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ ٻيا سول اسپتال مٺي پهچي علاج جي سهولتن جو جائزو ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔