بلال ياسين مٿان قاتلاڻي حملي ۾ اهم اڳڀرائي، ٻن اهم ڪردارن جي سڃاڻپ

لاهور:مسلم ليگ(ن) پنجاب جي اسيمبلي ميمبر بلال ياسين مٿان قاتلاڻي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته بلال ياسين مٿان حملي بابت ڪيس جي 2 اهم ڪردارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ساجد گرما ۽ محسن، بلال ياسين مٿان فائرنگ جي لاءِ هٿيار ڏنا. ٻنهي جوابدارن شوٽرز کي بلال ياسين مٿان فائرنگ جي لاءِ اماڻيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪردارن جي گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ليگي ايم پي اي بلال ياسين مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو ۽ هو هن وقت لاهور جي ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔