سياري جون موڪلون ختم، سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا کلي ويا

ڪراچي: سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا کلي ويا، پهرين ڏينهن تي اسڪولن ۾ حاضري گهٽ رهي

ڪراچي ۾ تعليمي ادارن ۾ موڪلن کانپوءِ ٻارن ۽ استادن جي آمد شروع ٿي وئي آهي، ٻار ۽ استاد ڪورونا ايس او پيز سان اسڪول پهتا، پر پهرئين ڏينهن تي حاضري معمول کان گهٽ آهي

شهيد بينظير آباد، سکر لاڙڪاڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد سمورا اسڪول کلي ويا، سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ تدريسي عمل بحال ٿي ويو آهي

ان کان علاوه حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد تدريسي عمل بحال ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔