ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سڀاڻي کان برسات جو امڪان

ڪراچي:برسات وسائڻ واريون اولهه هوائن جو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب نئين سسٽم تحت ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا، هرنائي، ڪوهلو، زوب، بارکان، زيارت، پشين، گوادر ۽ لسبيلا ۾ برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر بلوچستان کان ملڪ ۾ ايندڙ سسٽم وچ ۽ مٿانهين سنڌ ۾ به داخل ٿيندو جنهن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سڀاڻي کان 7 جنوري تائين برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي اڪثر ضلعن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو به امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔