اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ طرفان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لاھور: اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران محمد حفيظ چيو آهي ته خواهش هئي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وِننگ ٽيم جو حصو ٿيان

ھن چيو تھ محنت ۽ ڪوشش باوجود ائين نه ٿي سگهيو، ڪڏهن به پي سي بي سان ناراضگي جو اظهار نه ڪيو اٿم، محمد حفيظ 18 سالن جي ڪيريئر ۾ 55 ٽيسٽ ۽ 218 ون ڊي مئچز کيڏيون

هن چيو ته هن هميشه فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ مان نوجوان ڪرڪيٽرن کي اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته هو جڏهن به پاڪستان لاءِ کيڏن ته فخر سان کيڏن ۽ ان کي اعزاز سمجهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔