بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب ملڪ کي خطرا آهن: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نئين سال جي پهرين ڏينهن ئي وفاقي سرڪار عوام دشمني ڪندي تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي، معاشي ماهر چون ٿا ته پي ٽي آئي جي مني بجيٽ ملڪ دشمن آهي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب ملڪ کي خطرا آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آئي جي ارسطو وزير چيو ته سنڌ جو لوڪل گورنمينٽ قانون ملڪ لاءِ خطرو آهي, هن چيو آهي ته پي ٽي آئي اها پارٽي آهي جنهن اچڻ سان ئي پنجاب ۾ مڪاني نظام کي ختم ڪيو، وفاقي وزير ڪوڙ ڳالهايو ته آدمشماري تي پ پ جا اعتراض نه ٿا ٺهن، ڇاڪاڻ ته آدمشماري سنڌ حڪومت ڪرائي هئي

هن چيو آهي ته وفاق طرفان سنڌ حڪومت سان ڪابه ڊيٽا شيئر نه ڪئي وئي، تڪراري آدمشماري جو پورو عمل پي ٽي آئي سرڪار جي نگراني هيٺ ٿيو آهي, سعيد غني وڌيڪ چيو آهي ته الزام هنيو ويو ته 20 ارب روپين جي ڪڻڪ گم ٿي وئي، ڪڻڪ گم نه ٿي هئي، جن فلورملز پيسا واپس نه ڪيا انهن خلاف ڪارروائي لاءِ نيب کي لکيو ويو هو

هن چيو آهي ته مني بجيٽ جي وفاقي ڪابينا مان منظوري ورتي وئي هئي، ان ڪابينا ۾ متحده ۽ جي ڊي اي به موجود آهي، ٻنهي پارٽين اهڙي مني بجيٽ جي مخالفت ڇو نه ڪئي؟، عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ واري ڏوهه ۾ متحده ۽ جي ڊي اي ڀاڱي ڀائيوار آهن

هن چيو آهي ته پي ٽي آئي ۽ متحده کي يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿيون ته ڪي پي ۾ جيڪو پي ٽي آئي جو حشر ٿيو هتي به هنن جو اهوئي حشر ٿيندو، جنهن کي پي ٽي آئي سنڌ جو صدر بڻايو ويو آهي يقين آهي ته سنڌ ۾ پي ٽي آئي جو رهيل جنازو به نڪري ويندو

هن چيو آهي ته نئون صدر چوي ٿو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آئي جي هوندي، ڪينٽومينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ هنن جو حشر سامهون آهي، وفاقي وزير جي ڇڏيل سيٽ 249 تي پي ٽي آئي پهرين مان ڇهين نمبر تي اچي وئي ۽ ملير جي سيٽ تي به ننڍي چونڊ ۾ هنن جو ساڳيو حشر ٿيو، ايندڙ اليڪشن ۾ ٻه، ٽي سيٽن کان سواءِ پي ٽي آئي جو صفايو ٿي ويندو

هن چيو آهي ته هن لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ بهتري جي گنجائش آهي، ڪابه پارٽي تجويزون ڏئي ته اسان حاضر آهيون پر ترميم جو فورم سنڌ اسيمبليءَ جو ايوان آهي، ان فورم کي اپوزيشن استعمال ڇو نه ٿي ڪري، گورنر جيڪي اعتراض هڻي موڪليا اسان ان کي قبول ڪندي ميئر جون چونڊون کليل نموني ڪرائڻ سميت ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته حليم عادل شيخ کي جيڪڏهن ڌمڪيون مليون آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هي نيازي سرڪس جو مشڪرو آهي، خبر نه ٿي پوي ته هن کي ڪير ڌمڪيون ڏيندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔