سماج ۾ قانون ئي سڀ کان وڏو هٿيار هجڻ گهرجي: چيف جسٽس آف پاڪستان

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته معاشري ۾ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي ۽ قانون ئي سڀ کان وڏو هٿيار هجڻ گهرجي

اسلام آباد بار پاران اسلام آباد ۾ لائرز ڪمپليڪس جي تعمير جي شروعات تي اسلام آباد بار يومِ تشڪر تقريب منعقد ڪئي وئي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ بار کي خطاب ڪندي چيو ته الله ڪندو ته جلد کان جلد جڊيشل ڪمپليڪس بڻجي ويندو. جڊيشل ڪمپليڪس ٺھڻ سان وڪيلن کي سٺو ماحول ۽ ڪيسن جي تياري ۾ مدد ملندي

چيف جسٽس چيو ته جج ۽ وڪيل جو ڪم ساڳيو ھوندو آهي، وڪيل جو ڪم ڪيس جي پيروي ڪرڻ ۽ جج جو ڪم ڪيس جو فيصلو ڪرڻ آهي، ٻئي آئين ۽ عدليه جي آزادي تي يقين رکون ٿا

هن چيو ته مان بنيادي طور تي وڪيل آهيان، بينچ جي ٻئي پاسي بيٺو آهيان، منهنجي واپسي توهان سان ٿيندي.

”توهان کي ڪجهه مسئلا آهن، مون کي خبر ناهي ته انهن جي نوعيت ڪهڙي آهي، پر ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن مان عمل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيان ته آئون ضرور ڪندس،“

جسٽس گلزار چيو ته بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو فرض آهي، عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ اسان جو اولين فرض آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔