سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ مدينه مسجد ڊاهڻ کان روڪڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪراچي جي طارق روڊ تي ٺھيل مدينه مسجد کي ڊاهڻ کان روڪڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي ۾ حددخليون هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

اٽارني جنرل خالد جاويد خان طارق روڊ تي ٺھيل مدينه مسجد ڊاهڻ واري حڪم تي نظرثاني جي درخواست ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي 28 ڊسمبر جي حڪم تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي ھئي

اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم سان مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ته مسجد لاءِ متبادل زمين فراهم ڪري سگھي ٿي

خالد جاويد خان چيو ته مسجد ڊاهڻ جي حڪم تي ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب اسان پنهنجي اکين سان اهو پارڪ ڏٺو آهي

جسٽس قاضي امين چيو ته زمينن تي قبضن ۾ مذهب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، توهان حڪومت جا نمائندا آهيو، توهان چاهيو ٿا ته آسمان ڪري پوي پر حڪومت نھ ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔