نئون سال: فواد چوڌري جي حڪومت ۽ اپوزيشن کي اهم صلاح

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري نئين سال جي شروعات تي اپوزيشن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائيندي ملڪي سياست ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

پنهنجي سياسي مخالفن سان سٺن لاڳاپن جي اميد ڪندي فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي خيال ۾ نئين سال 2022 جي شروعات ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪري حڪومت ۽ اپوزيشن کي چونڊ، معاشي، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، اسان کي پنهنجون ذميواريون سمجهڻ جي ضرورت آهي، پارليامينٽ ۾ گوڙ گهمسان سان عام شهري جي نظرن ۾ سياستدانن جي ساک خراب ٿيندي آهي ۽ انهن جو وقار گهٽ ٿيندو آهي.

واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ تازو ضمني مالياتي بل 2021 ۽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل 2021 تي تڪرار ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔