لاهور ۾ اومي ڪرون خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو

لاهور: لاهور ۾ ڪورونا وائرس جو نئون ويرينٽ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجڻ لڳو.

صحت کاتي موجب پوري پنجاب ۾ سامهون ايندڙ 50 ڪيسز مان 49 جو واسطو لاهور سان آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ڪورونا مثبت ايندڙن جي شرح 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن اها شرح 3 سيڪڙو هئي.

پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري عمران بلوچ جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون وائرس جي تصديق تمام ڏُکي آهي ۽ پي سي آر ٽيسٽ ذريعي به هن جي تصديق نٿي ٿي سگهي، جين سيڪوينسنگ ذريعي 3 ڏينهن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ٿي رهي آهي.

هن چيو ته هن وقت اومي ڪرون جون علامتون رکندڙن يا وري پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن جا نمونا ئي چڪاس ڪيا پيا وڃن، هر ماڻهوءَ جي اومي ڪرون ٽيسٽ نه پئي ڪئي وڃي.

پنجاب جي صحت کاتي موجب 50 ڪيسز مان رڳو هڪ ڪيس جو واسطو بهاولپور سان آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ماڊل ٽائون، گلبرگ، جوهر ٽائون ۽ ڊفينس وارا علائقا اومي ڪرون سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔