ڪراچي: سپر هاءِ وي تي پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ، هڪ شهيد ٻيو زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب واقعو سائٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد فقيرا ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي علائقي ۾ گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن مٿان اڻڄاڻ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪئي جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ اهلڪار علاج دوران فوت ٿي ويو. جنهن جي سڃاڻپ برڪت جي نالي سان ٿي آهي.
ڊاڪٽرن موجب برڪت نالي اهلڪار کي ڳچي ۾ گولي لڳي جنهن مان هو صحتياب نه ٿي سگهيو جڏهن ته ٻئي اهلڪار کي ڪلهي ۾ گولي لڳي جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔