مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو هڪڙو ئي حل عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو هڪڙو ئي حل عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام کي نئين سال جو تحفو ڏنو آهي.
نئين پاڪستان ۾ هر سال گذريل سال کان مهانگو ثابت ٿيو ۽ پوءِ چون ٿا ته گذريل حڪومتون نااهل هيون. عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته 2021 خوشحالي جو سال ٿيندو هاڻ 2022 اچي ويو آهي. خوشحالي جون دعوائون ڪيڏانهن ويون.
بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان پيٽروليم شين جي قيمتن کي عالمي منڊي جي قيمتن موجب گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔