ڪراچي مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: افغانستان مان عسڪري تربيت يافته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب ڪراچي جي علائقي شاه لطيف ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي.
پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته جوابدارن جي سڃاڻپ رضا الله ۽ حبيب نور عرف شير جي نالن سان ٿي آهي. ٻئي دهشتگرد افغانستان مان عسڪري تربيت يافته آهن ۽ ڪارروائي جي دوران انهن کان دستي بم، پاسپورٽ، غيرقانوني هٿيار ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ آيا آهن.
پوليس اختيارين موجب دهشتگرد ڪراچي ۾ تخريبڪاري جي منصوبه بندي لاءِ آيا هئا، ٻئي دهشتگرد افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان حملن ۾ به ملوث آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔