ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لھر تيزي سان پکڙجي رھي آھي: اين سي او سي

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي وبا کي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي

اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال ۽ صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان پڻ شرڪت ڪئي

اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پنجين لهر اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي

اين سي او سي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي

اجلاس ۾ ضلعي وار ويڪسينيشن جي هدفن جو به جائزو ورتو ويو ۽ لازمي ويڪسينيشن لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اين سي او سي صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ حفاظتي هدفن کي جلد کان جلد پورو ڪن

ٻئي پاسي سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ 10 ڄڻن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ 6 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن

صحت کاتي جي عملدارن چيو آهي ته متاثرين جو تعلق اوڀر، اولهه ۽ مرڪزي ضلعن سان آهي ۽ انهن جي عمر 21 کان 66 سالن جي وچ ۾ آهي

اختيارين متاثرين جن سان مليا انهن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ اومي ڪرون ۾ متاثر مريضن جو انگ 54 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔