ڪراچي ۾ ڪجهه ماڻهن گهر گهڙي پڇاڳاڇا ڪئي، ڌمڪايو ۽ هراسان ڪيو: سرينا عيسيٰ جو ادارن کي خط

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ بچاءَ واري وزارت، گهرو وزارت ۽ سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو.

خط جي متن موجب 29 ڊسمبر تي ڪراچي ڊفينس ۾ گهر جي ڪم جي نگراني ڪري رهي هيس، ان دوران ٻه ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چيو ته اها انٽيليجنس جا آهيون.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪارن 4 صفحا ڏنا ۽ ذاتي ڄاڻ گهري پر دستاويزن تي ڪنهن اداري جو نالو لکيل نه هو.

خط جي متن موجب مان ۽ منهنجي ڌيءَ انتهائي پريشان ٿياسين ته ٻه ماڻهو گهر ۾ گهڙي آيا ۽ پڇاڳاڇا ڪئي ۽ هراسان ڪرڻ کانپوءِ ٻئي هليا ويا ته ٻن ڏينهن کانپوءِ فارم وٺڻ اينداسين.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه دير کانپوءِ وڌيڪ ٻه ماڻهو آيا ۽ پنهنجو تعارف گهرو وزارت جي اهلڪارن طور ڪرايو، انهن ٻنهي به گهر ڀاتين بابت سوال شروع ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته ٻيهر اينداسين، بهتر آهي ته ڄاڻ فراهم ڪيو يا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.

3 صفحن تي ٻڌل خط ۾ سرينا عيسيٰ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔