ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين بلدياتي قانون خلاف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري آهي

ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي بلوچستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ گوادر ڌرڻي جو اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان به ڌرڻي ۾ شريڪ آهي

امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر دوست آهي، مخالف ڌر کي ڊرائنگ روم جي سياست مان نڪرڻو پوندو

هن چيو ته ڪراچي جي مڪاني ادارن تي ڪاري قانون ذريعي قبضو ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي جعلي ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪري ادارن تي قبضو ڪري ٿي، اسان سنڌ اسيمبلي آڏو جعلي ۽ ڪاري مڪاني ادارن واري قانون کي رد ڪيون ٿا

حافظ نعيم چيو ته هو اهڙو قانون چاهين ٿا جنهن ۾ ڪي ڊي اي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ سميت ڪراچي جو هر ادارو ميئر جي ماتحت هجي

ٻئي طرف جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔