پيروسڻ ڀرسان ارڙي سبب وڌيڪ ھڪ ٻارڙو فوت، انگ 5 ٿي ويو

پيروسڻ(ن پ ا) پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ رسول بخش جمالي ۾ ارڙي وبا موت جو راڪاس بڻجي وئي، 4 معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ بعد اڄ وڌيڪ ھڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو

ٽن سالن جو واجد علي پٽ ماجد جمالي فوت ٿي ويو، جنھن بعد ڳوٺ ۾ فوتي ٻارن جو 3 ڏينھن اندر انگ 5 ٿي ويو جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا هجڻ ڪري سندن وارث ڳڻتي ۾ ورتل آهن

صحت کاتي پاران جوڳا اپاءُ نه وٺڻ ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل ۽ فوت ٿيل معصوم ٻارن جا وارث صدمي ۾ بي حال بڻيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔