ڪراچي ۾ نئين سال جي آمد تي فائرنگ، هڪ ٻارڙو مارجي ويو، 17 زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۾ 17 ڄڻا زخمي ۽ هڪ ٻارڙو مارجي ويو آهي

پاڪستان ۾ نئين سال 2022 جي شروعات ٿي وئي آهي، نئين سال جي موقعي تي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ جشن، آتشبازي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ ماڻهو رقص ڪندا رهيا

ان موقعي تي شهر جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ريسڪيو ذريعن موجب نارٿ ناظم آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي ۽ سولجر بازار ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس موجب خواجا اجمير نگري ۾ هوائي فائرنگ ۾ 11 ورهين جو ٻارڙو زخمي ٿي پيو ۽ علاج دوران فوت ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔