سکر: نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ماءُ ۽ سندس ٻن ٻارڙن جا لاش هٿ نه آيا

سکر: نارا ڪئنال ۾ خيرپور واسڻ ٻن معصوم ٻارڙن سميت ٽپو ڏيندڙ مهناز ڌي امان الله ۽ سندس ٻن معصوم ٻارڙن جا لاش هٿ اچي نه سگهيا

ٽپو ڏيندڙ عورت جا وارث وڏي تعداد ۾ نارا ڪئنال جي ڪپ تي پهتل آهن، مقامي ٽوٻن جي مدد سان عورت ۽ سندس ٻن ٻارڙن جي نارا ڪئنال ۾ ڳولا جاري آهي

مهناز جي والد امان الله جو چوڻ آهي ته نيوي جي ٽوٻن کي به مدد لاءِ درخواست ڏني آهي، نياڻي مهناز جو پرس، پئسا، ٻارڙي جو فيڊر ۽ ٻيو سامان نارا ڪئنال جي ڪناري تان مليو هو

واضح رهي ته گذريل رات خيرپور جي رهواسڻ نوجوان ناري مهناز زال علي نواز ڪڙيو نارا ڪئنال ۾ ٻارڙن سميت ٽپو ڏنو هو، مهناز پنهجي معصوم کير پياڪ پٽ احرام ۽ ٽن ورهين جي نياڻي اناليا سان گڏ ٽپو ڏئي مبينا خودڪشي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔