محنت، ايمانداري ۽ جدوجهد هر منزل کي آسان بڻائي ٿي: محمد ميان سومرو

اسلام آباد؛ نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو نئين سال جي شروعات تي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي

محمد ميان سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نئين سال جي شروعات تي پاڪستان جي ترقي لاءِ مسلسل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا

محمد ميان سومرو چيو آهي ته محنت، ايمانداري ۽ جدوجهد هر منزل کي آسان بڻائي ٿي، هر پاڪستاني کي وطن جي خوشحالي لاءِ هر وقت اڳتي وڌڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته اميد ته نئون سال هر شهري لاءِ خوشين ۽ ڪاميابين جو سال هوندو، قومي مقصدن جو حصول گڏيل رضامندي ۽ تعاون سان ئي ممڪن آهي، دعا آهي ته نئون سال والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ آزادي جو پيغام ڏيئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔