هندو ياترين جو پهريون 13 رڪني وفد پشاور پهچي ويو

پشاور : هندو ياترين جو پهريون 13 رڪني وفد پرڏيهي اڏام ذريعي پشاور پهچي ويو، پاڪستان هندو ڪائونسل جي سربراهه رميش ڪمار چيو آهي ته هندو ياترين جو هڪ وفد ڪرڪ روانو ٿي ويو آهي جتي اهي مذهبي رسمون ادا ڪندا

رميش ڪمار چيو ته هندو ياترين جو ٻيو 113 رڪني وفد به اڄ پشاور پهچندو، پاڪستاني حڪومت طرفان ياترين کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت نئين دهلي مان هندو يارين کي آڻڻ لاءِ پي آءِ اي جي خاص اڏام جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔