مسلم ليگ ن جي ايم پي اي بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي جي وڊيو سامهون اچي وئي

لاهور: مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي وئي

پنجاب اسيمبلي جي ميمبر بلال ياسين تي حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ حملي آورن کي ڪاري جيڪٽ پهريل نظر اچي رهي آهي.

پوليس موجب، حملي آورن موٽرسائيڪل جو بغير نمبر پليٽ جي استعمال ڪيو، جوابدار بلال ياسين تي فائرنگ ڪرڻ بعد موهني روڊ ڏانهن روانو ٿي ويا

ياد رهي ته گذريل ڏينهن موٽرسائيڪل سوار مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي بلال ياسين تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني هئي، بلال ياسين کي پيٽ ۾ ٻه گوليون ۽ ٽنگ ۾ هڪ گولي لڳي هئي

بلال ياسين جو اڄ ميو اسپتال ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن بعد کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽرن موجب ن ليگ اڳواڻ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔