پيٽرول 25 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي: ڀارتي رياست جهارکنڊ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 25 رپين جي لاٿ جو اعلان ڪيو آهي.

جهارکنڊ جي وڏي وزير هيمنت سورين طرفان حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو.

رياستي وڏي وزير جي آفيس طرفان ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ويو ته جهارکنڊ ۾ ٻن ڦيٿن وارين گاڏين (موٽر سائيڪل ۽ اسڪوٽي) لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 25 ڀارتي رپين جي لاٿ ڪئي وئي آهي.

رياستي حڪومت موجب اهو فيصلو 26 جنوري 2022 کان لاڳو ٿيندو ۽ هر خاندان کي 10 ليٽر تي سبسڊي ڏني ويندي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سبب غريب طبقو متاثر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ٻن ڦيٿن وارين گاڏين لاءِ پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔