مني لانڊرنگ ۾ مدد ڪرڻ جو الزام: اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جي حفاظتي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) بشير ميمڻ جي 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي سهولتڪاري واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالت بشير ميمڻ جي 15 ڏينهن جي ضمانت منظور ڪندي کيس 15 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بشير ميمڻ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بشير ميمڻ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر گرفتاري جو خدشو آهي، بشير ميمڻ تي سياسي بنيادن تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن

ياد رهي ته ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڄ لاهور طلب ڪيو هو.

ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته بشير ميمڻ ٻڌايو ته جوابدار عمر فاروق ظهور سان سندس لاڳاپن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ جوابدار جو ڪڏهن کان لاڳاپو آهي؟ ۽ ڪيتريون ذاتي ملاقاتون ٿيون؟

رپورٽ موجب جوابدار عمر فاروق ظهور سوئٽزرلينڊ، ناروي ۽ ترڪي سميت ڪيترن ئي ملڪن کي گهربل آهي

بشير ميمڻ جو موقف آهي ته ايف آءِ اي کانئس اهڙا دستاويز طلب ڪري رهي آهي جيڪي سندس تحويل ۾ نه آهن، جوابدار عمر فاروق ظهور جو نالو ريڊ نوٽيس مان ڪڍيو ويو آهي، الزام قانون کان لاعلمي جو نتيجو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔