ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

جوهانسبرگ: ڏکڻ آفريقا جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.

ڊي ڪوڪ ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جي شڪست کانپوءِ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جلد پهرئين ٻار جي پيدائش جو امڪان آهي، تنهن ڪري هاڻ مان پنهنجي فيملي کي وقت ڏيڻ چاهيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته اهي منهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي ناهي، وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس.

واضح رهي ته ڊي ڪوڪ ڏکڻ آفريقا طرفان 54 ٽيسٽ ميچن ۾ 38.82 جي ايوريج سان 3 هزار 300 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 6 سينچريون ۽ 22 ففٽيون به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔