ٻن هفتن ۾ عسڪري پارڪ ڪي ايم سي حوالي ڪيو وڃي: چيف جسٽس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ عسڪري پارڪ کي ٻن هفتن ۾ ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ عسڪري پارڪ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ڪور فائيو جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ايڊمنسٽريٽر کان پڇاڻو ڪيو ته جي ايڊمنسٽريٽر صحاب ٻڌايو، جنهن تي مرتضيٰ وهاب عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ فائل ڪئي وئي آهي جنهن موجب 2005 ۾ معاهدو ٿيو هو

بچاءُ واري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 99 سال جو معاهدو ٿيو هو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته جنهن جي ملڪيت آهي ان کي واپس ڪيو

چيف جسٽس چيو ته توهان کي ان لاءِ ڏنو هو ته جيئن ڪو ٻيو ڪو قبضو نه ڪري، پاڪستان جي حفاظت لاءِ چيو هو

جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان به ملڪ لاءِ جانون ڏئي رهيا آهيو اسان قدر ڪيون ٿا، جنهن جي زمين آهي ان کي واپس ڪيو، توهان کي شرم اچي رهيو آهي، زمين واپس ڪيو هي اسان توهان کي حڪم ڏئي رهيا آهيون

چيف جسٽس وڪيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اتي جھولا هلي رهيا آهن، ٻارڙا ڪري مري رهيا آهن، ڪهڙا جهولا لڳايا اٿو؟ توهان پاڻ اعتراف ڪيو ته شادي هال هلي رهيو هو، توهان جي هوندي 38 دڪانون ٺهي ويون، ان تي بچاءَ جي وڪيل چيو ته اسان جو ان سان ڪو به تعلق ناهي

بعد ۾ عدالت حڪم ڏنو ته ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي پارڪ جو انتظام سنڀالي ۽ پارڪ کي عوام لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ان حوالي سان عوام کان ڪو به فيس نه ورتو وڃي

عدالت عسڪري پارڪ ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ، پارڪ جي زمين تان دڪان هٽائڻ ۽ شادي هال جي عمارت ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو

عدالت چيو ته ٻن هفتن ۾ پارڪ واپس ورتو وڃي، ڪي ايم سي پنهنجا جھولا لڳائي ۽ انهن جا جھولا هنن کي واپس ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔