سپريم ڪورٽ: نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هفتي اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد شاهراه فيصل تي قائم نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نسلا ٽاور ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته 400 مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، نسلا ٽاور جون 5 منزلون ڊاهي پٽ ٿي چڪيون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 400 ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن انهن کان هڪڙي عمارت ختم نٿي ٿئي, چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ اهڙي عمارت ڊاهي پٽ ڪئي ويندي آهي، توهان ڇا پيا ڪريو؟ ڪمشنر لکيو آهي ته ايس بي سي اي رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي

ڪمشنر ڪراچي چيو ته عمارت جو ڍانچو اندر کان تباهه ٿي چڪو آهي، رڳو ٻاهران ئي نظر اچي رهيو آهي، اسان ماڻهن کي مهذب انداز ۾ روڪيو آهي، آباد به مظاهرا ڪيا پر اسان پرامن نموني سان منهن ڏنو, ڪمشنر ڪراچي چيو ته اسان پرامن طريقي سان مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، قلم 144 لاڳو ڪري ماڻهن کي ويجهو اچڻ کان روڪيو ويو آهي

جسٽس قاضي امين چيو ته جيڪڏهن ڪو مداخلت ڪري رهيو آهي ته اها توهين عدالت آهي، جنهن تي ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته اسان ڪا به رڪاوٽ نه وجهي رهيا آهيون، رپورٽ کي چئلينج ڪيان ٿو, عدالت جي حڪم تي ڊي جي ايس بي سي اي رپورٽ پڙهي ٻڌائي جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته توهان کي توهين عدالت نوٽيس ڏيون ٿا ان جو جواب ڏيو

جسٽس قاضي محمد امين چيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته رپورٽ موجب ايس بي سي اي به ڪانٽريڪٽر کان رشوت گهري, سپريم ڪورٽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي ڊي جي ايس بي سي اي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي قانوني ڪارروائي ۽ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آفيسرن کي نسلا ٽاور جي زمين قبضي ۾ وٺڻ ۽ عمارت جي وڪرو روڪڻ جو به حڪم ڏيندي عمارت جي پلان منظوري ڏيڻ وارن آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جو به حڪم ڏئي ڇڏيو, عدالت اينٽي ڪرپشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ملوث آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ۽ ڪرمنل ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، جڏهن ته چيف جسٽس پوليس کي به هدايت ڪئي ته ملوث آفيسرن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيو وڃي

سپريم ڪورٽ ڊي آءِ جي ايسٽ کي ايندڙ ٻڌڻي تي ملوث پوليس آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو, جسٽس قاضي محمد امين رمارڪس ڏيندي چيو ته رياست جي ڪمزوري جو ڪارڻ نان اسٽيٽ ايڪٽر آهن، هيٺئين ڳالهه اها آهي ته عمارت اڃا به بيٺي آهي

عدالت ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته سمورا سرڪاري وسيلا استعمال ڪري هڪ هفتي اندر نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي ۽ چيو ته نسلا ٽاور جي 780 چورس گز زمين ضبط ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔