شهيد بينظير جي هر خواب کي ساڀيان ڪنداسين: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي يوم شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهيد راڻي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي هر خواب کي ساڀيان ڪنداسين، ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪري عوام کي معاشي مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين

آصف علي زرداري چيو ته ملڪ اسان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پيارو آهي، ان جي آزادي، وقار، عزت نفس ۽ وقار تي سمجهوتو نه ڪنداسين

هن چيو ته اڄ ملڪ خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي مامرا زبون حالي جا شڪار آهن، قانون کي ميڻ بتي بڻايو ويو آهي

هن چيو ته منهنجي لاءِ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته غريب مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ هو رياست جي ثمر کان محروم ڪيو پيو وڃي

آصف علي زرداري چيو ته 2013 کان وٺي پارليامينٽ جي اختيار ۽ ان جي عزت ۽ وقار تي مسلسل حملا ٿي رهيا آهن جنهن جي پيپلز پارٽي مزاحمت ڪري رهي آهي

آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت تباهه ٿيل ملڪ کي ٻيهر تعمير ڪيو، ملڪ کي بچايو ۽ هاڻي ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنڍي

هن چيو ته صبر ۽ برداشت اسان جي ڪمزوري نه پر اسان جو اصول آهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي عظيم قرباني کي رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔